راولپنڊي – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ جي مخ??لف حصن ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج جون امدادي سرگرميون جاري آهن، ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ ۽ راشن ورهائڻ لاءِ 200 هيليڪاپٽر اڏامون هلايون ويون آ??ن. آءِ ايس پي آر مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻوڏ ۾ پاٿل 1991 ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي ۽ 162.6 ٽن امدادي سا??ان ٻوڏ متاثرن تائين پهچايو ويو آهي. هن وقت تائين 50 هزار کان ??ڌي?? ماڻهن کي آفت سٽيل علائقن مان محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان، ڪي پي ڪي جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 147 ريليف ڪيمپون 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيون آ??ن. هن وقت تائين 60 هزار کان ??ڌي?? مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي ۽ مريضن کي 5 ڏينهن تائين جون مفت دوائون فراهم ڪيون ويون آ??ن. سڄي ملڪ ۾ 221 فلڊ ريليف آئٽمز ڪليڪشن پوائنٽس قائم ڪيا ويا آهن. 1350 ٽن کان ??ڌي?? خوراڪ/ دوائون ۽ ٻيون غذائي شيون جمع ڪيون ويون آ??ن.