نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير جي پي ڪوفوڊ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن ڊينمارڪ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن ۾ گذريل ڏهاڪن دوران مسلسل اضافو ٿيو آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپ?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ويجهو تعاون جاري رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پاڪستان ڊينمارڪ کي هڪ اهم ٻطرفي پارٽنر سان گڏوگڏ يورپي يونين جي هڪ اهم ميمبر طور اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير ڊينمارڪ سان پاڪستان جي سياسي لاڳاپ?? کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، اقتصادي لاڳاپ?? کي سگهه ڏيڻ ۽ تعليمي تعاو?? کي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ڊينمارڪ پاڪستا?? کي اقتصادي طور تي خاص طور تي قا??ل تجديد توانائي جي شعبي ۾ شامل ڪرڻ ۽ ڊينمارڪ جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ قا??ل تجديد توانائي جي مارڪيٽ ۾ داخل ??يڻ جي خواهش رکن ٿيون. پرڏيهي وزير زور ڏنو ته عالمي برادري کي افغانستا?? کي نه وسارڻ گهرجي ۽ افغانستا?? کي درپيش سنگين انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏ هجڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي عوام لاءِ انساني امداد جي فراهمي جاري رکي آهي. پرڏيهي وزير والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين طرف به ??يان ڇڪرايو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي ڏس ۾ ڊينمارڪ جي امداد کي به ساراهيو.