اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته پنجاب جي تعليمي ادارن ۾ بلوچستان سان تعلق رکندڙ سمورن ??اگردن جي تعليمي خرچن جو 50 سيڪڙو وفاقي حڪومت ادا ڪندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پنجاب جي تعليمي ادارن ۾ بلوچستان سان تعلق رکندڙ اسڪالرشپ تي تع??يم پرائيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي درپيش مالي مسئلا منهنجي ڄاڻ ۾ آندا ويا. هن هدايت ڪئي آهي ته انهن سمورن ??اگردن جي تعليمي خرچن جو 50 سيڪڙو وفاقي حڪومت ادا ڪندي ته جيئن اهي بنا ڪنهن پريشاني جي پنهنجي تع??يم جاري رکي سگهن.