اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن دنيا کي ڪيترائي ??يلنج درپيش آهن پاڪستان ۽ چين هڪ دوست ۽ حصيدار طور هڪ ٻئي ??ڏ سان بيٺل آهن. چين جي دوري جي دوران چيني قيادت سان سي پيڪ کي سگ??ه ڏيڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٽ ٿيندي. اڱاري تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ڇيو ته هو اڄ چين جي دوري تي وڃي رهيو آهيان. هن چيو ته منهنجي لاءِ اها اعزاز جي ڳالهه آهي ته آئون انهن ڪجهه پهرين اڳواڻن ۾ شامل آهيان جن کي چين جي حڪمران پارٽي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي 20هين تاريخي نيشنل ڪانگريس کانپوءِ چين جي دوري جي دعوت ڏني وئي آهي. وزيراع??م چيو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن دنيا کي ڪيترائي مسئلا درپيش آهن، پاڪستان ۽ چين هڪ دوست ۽ حصيدار طور تي هڪ ٻئي ??ڏ بيٺل آهن. هن چيو ته دوري جي دوران چيني قيادت سان گڏ ڳالهه ٻولهه ۾ ٻين معاملن سان گڏوگڏ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي کي سگ??ه ڏيڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو ويندو. سي پيڪ جو ٻيو مرحلو اسان جي ماڻهن جي سماجي معاشي ترقي جي لاءِ نئي دور جو آغاز هوندو. هن چيو ته چين جي معاشي ڪاميابين مان گهڻو ڪجهه سکي سگ??جي ٿو.