شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جرمني سان واپار، سيڙپڪاري، ماحولياتي تبديلي ۽ قابل تجديد توانائي سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائ?? جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ جرمني کي مختلف شعبن ۾ نوجوانن کي موقعا ڏي?? جي لاءِ وسيع تر تعاون ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه جرمني جي چانسلر اولاف شولز سان ماحولياتي سربراهه اجلاس ڪوپ – 27 جي موقعي تي ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ تعاون کي وڌائ?? جي امڪانن تي غور ڪيو. ملاقات دوران گڏيل د??چس??ي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم جرمن عوام جي عزم کي ساراهيندي جرمني سان واپار، سيڙپڪاري، ماحولياتي تبديلي ۽ قابل تجديد توانائي سميت گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪر?? جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي نوجوان آبادي مان فائدو کڻ?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? ته پاڪستان ۽ جرمني کي مختلف شعبن ۾ نوجوانن کي موقعا ڏي?? جي لاءِ وسيع تعاون ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم جرمني پاران پاڪستان کي سالن کان ڏني ويندڙ فني تربيت تي ٿورا مڃيندي ڄا?? جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. هن يورپي يونين ۾ جي ايس پي پلس حيثيت جي لاءِ حمايت تي جرمني جا ٿورا مڃيا جيڪو ٻنهي ملڪن جي لاءِ فائديمند آهي. وزيراعظم چي?? ته حدت جو سبب بڻجندڙ گئسن جي اخراج ۾ گهٽ کان گهٽ ڪردار هج?? جي باوجود پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي نتيجي ۾ ايندڙ قدرتي آفتن کان سخت متاثر ٿي رهيو آهي. هن پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلي سان ايندڙ تازي ٻوڏ کانپوءِ جرمني پاران پاڪستان جي امداد تي جرمني جا ٿورا مڃيندي جرمن چانسلر کي حڪومت جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي منصوبن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته ماحولياتي تبديلين جي مسئلي خاص طور تي ڪلائميٽ جسٽس ۽ انهن تبديلين جي نتيجي ۾ نقصان ۽ تباهي کي منهن ڏي?? جي لاءِ ڪوپ – 27 کي دليراڻا فيصلا ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم خطي جي صورتحال جو ذڪر ڪندي چي?? ته پاڪستان جرمني سميت غيرملڪي حڪومتن جي درخواست تي افغانستان مان انخلا جي لاءِ سهولت فراهم ڪندو رهيو آهي. وزيراعظم چي?? ته افغانستان ۾ انساني ۽ اقتصادي صورتحال جي ڏس ۾ عالمي برادري جي افغان عبوري حڪومت سان مسلسل ڳالهه ٻولهه انتهائي اهميت رکندڙ آهي. جرمن چانسلر افغانستان ۾ نمائنده حڪومت ۽ انساني حقن جي احترام جي پنهنجي موقف کي ورجايو. وزيراعظم جرمن چانسلر جو ڌيان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير طرف ڇڪرائيندي چي?? ته ان جي نتيجي ۾ علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطرو آهي.