اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئ??ن سر تعمير بابت جنيو?? ڪانفرنس جو پهريون مرحلو م??مل ٿي چڪو آهي، عالمي برادري پاڪستان جي لاءِ 8.57 ارب ڊالر جو اعلان ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئ??ٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئ??ن سر تعمير بابت جنيو?? ڪانفرنس جي پهرين مرحلي ۾ يورپي يونين 93 ملين ڊالر، جرمني 88 ملين ڊالر، چين 100 ملين ڊالر، اسلامي ترقياتي بئنڪ 4.2 ارب ڊالر، عالمي بئنڪ 2 ارب ڊالر، جاپان 77 ملين ڊالر، ايشيائي ترقياتي بئنڪ 1.5 ارب ڊالر، يو ايس ايڊ 100 ملين ڊالر ۽ فرانس 345 ملين ڊالر جو واعدو ڪيو آ??ي. ??نيو?? ڪانفرنس جو ٻيو سيشن جلد شروع ٿيڻ وڃي رهيو آهي.