تاشقند ??? 24 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سي آئي سي اي جي سيڪريٽري جنرل سفير ڪيرات سري بي جي تاشقند ۾ ملاقات ٿي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ پرڏيهي وزير کي سي آئي سي اي جي سرگرمين ۽ مستقبل ??ي منصوبن بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي پرڏيهي وزير پاڪستان پاران سي آئي سي اي ۽ علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ ان ??ي مشن جي حمايت کي ورجايو.