اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) عالمي جوهري توانائي ايجنسي (آئي اي اي اي) جو ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي 15 کان 16 فيبروري تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي ??في?? جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چئي. هن چيو ته پنهنجي ٻن ??ينهن جي دوري دوران هو پرڏيهي سيڪريٽري سان ملاقات ڪندو ۽ صحت، زراعت، صنعت ۽ بجلي جي پيداوار جي شعبن ۾ جوهري ٽيڪنالاجي جي مختلف ادارن جا دورا ڪندو. ترجمان چيو ته هي دورو پاڪستان ۽ آءِ اي اي اي کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جوهري ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال ۾ تعاون کي اڳتي وڌائڻ جا رستا ڳولڻ جو موقعو فراهم ڪندو.