اسلام آباد – 24 ̵1; ا??ريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??نهنجي ايراني هم منصب حسين امير عبدالله کي ٽيليفون ڪيو ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ايراني پرڏيهي وزير پاڪستاني عوام جي لاءِ ??يڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري ??ڻ ايراني عوام کي مبارڪباد ڏني. پنهنجي ايراني هم منصب سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي هڪ مثبت اڳڀرائي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي سان خطي جي ترقي ۽ استحڪام ۾ مدد ملندي، پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهتر ٿيندڙ لاڳاپن جي آجيان ڪري ??و.