اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بل??و?? ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي ڳالهين جي سياست تي يقين رکي ٿي، ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊن جا حامي آهيون، هڪ صوبي ۾ اڳ ۾ چونڊون ٻين صوبن جي چونڊ نتيجن تي اثرانداز ٿينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته چونڊن جي حوالي سان اتحاد?? پ??ر??يو?? پارليامينٽ جي فيصلي سان گڏ بيٺل آهن. بل??و?? ڀٽو زرداري چيو ته چونڊون پنهنجي وقت تي ٿيڻ گهرجن، عدالتي حڪم جي باوجود عمران خان جي دور ۾ پنجاب ۾ بل??ياتي چونڊون نه ڪرايون ويون. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جو موقف آهي ته چونڊون پنهنجي وقت تي ٿيڻ گهرجن، اسان ڪالهه به ون يونٽ جي خلاف هئاسين اڄ به آهيون. پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته هڪ صوبي ۾ اڳ ۾ چونڊون ٻين صوبن جي چونڊ نتيجن تي اثرانداز ٿينديون.