اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف استاد، ڊراما نگار، مزاح نگار، دانشور، شاعر ۽ فيض احمد فيض جي ناٺيءَ شعيب هاشمي جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم منيزه هاشمي، سليمه هاشمي ۽ ٻين گهرڀاتين سان شعيب هاشمي جي لاڏاڻي تي همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته شعيب هاشمي پي ٽي وي جي سنهري دور ۾ ڪردار ادا ڪيو. هن طنز ۽ مزاح جي ??رو??رام ۾ نئين جدت متعارف ڪرائي. شعيب هاشمي يادگار ?? ناقابل فراموش ڊراما لکيا. وزيراعظم چيو ته ان جي قلم سان روشن قدرن، روايتن ۽ نظ??ين کي فروغ مليو. هن جهڙو قلم نگار ?? دانشور معاشري کي تهذيب، سليقو ۽ ادب سيکاريو. ان جو لاڏاڻو معاشري، فن ۽ ادب جو وڏو نقصان آهي. وزيراعظم الله تعاليٰ کان مرحوم جي درجن ??ي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.