ڪوئيٽا – 30 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بلوچستان ۾ 19 سالن کانپوءِ قومي را??دي??ن منعقد ٿيڻ خوش آئنده قدم آهي جيڪو ان ڳالهه جي دليل آهي ته بلوچستان هڪ پرامن صوبو آهي جتي صحتمنداڻي سرگرمين جو منعقد ٿيڻ ممڪن آهي، منظم انداز ۾ قومي سطح تي انهن را??دي?? جي منعقد ٿيڻ تي منتظمين کي مبارڪباد ڏيان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن 34 هين نيشنل ??يمز جي پڄاڻي واري تقريب ک?? خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو گورنر عبدالولي خان ڪاڪڙ، را??دي?? ۽ ثقافت وارو صوبائي وزير عبدالخالق هزاره، چيف سيڪريٽري بلوچستان عبدالعزيز عقيلي پڻ موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي ذاتي پئسن سان 1948ع ۾ جيڪا ٽرافي خريد ڪئي هئي اها اڄ به بلوچستان ۾ موجود آهي ۽ قائداعظم جي بلوچستان ۽ را??دي?? سان محبت جو مظهر آهي. قائداعظم محمد علي جناح ۽ محترمه فاطمه جناح نوجوانن جي مثبت رخ ۾ ترقي تي خاص ڌيان ڏيندا هئا ۽ اڄ به ا??ان کي انهن عظيم شخصيتن جي رستي تي گامزن رهڻ جي ضرورت آهي. ڪوئيٽا ۾ نيشنل ??يمز منعقد ڪرڻ سان پوري دنيا تي واضح ٿيو ته بلوچستان هڪ پرامن ۽ محفوظ صوبو آهي، موجوده ۽ اڳوڻي حڪومتن بلوچستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون جيڪي ڪارائتيون ثابت ٿيون، هي صوبو بنا ڪنهن شڪ جي زرخيز ۽ معدني دولت سان مالامال خطو آهي جيڪو پوري ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. صدر عارف علوي چيو ته بلوچستان ۽ پاڪستان جي نئين سر تعمير توهان نوجوانن جي هٿن ۾ آهي، اڄ جي محنت سڀاڻي جي ر??شن مستقبل جي ضمانت آهي ۽ قائداعظم محمد علي جناح جي فرمانن موجب ترقي جا هدف اتحاد جي ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجن ٿا ۽ اهو واضح آهي ته ڪا به طاقت بلوچستان ۽ پاڪستان کي ترقي ڪرڻ کان نه ٿي ر??ڪي سگهي. صدر سمورن رانديگرن، منتظمين ۽ پوليس کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته بهترين ۽ منظم انداز ۾ قومي سطح جون را??دي??ن منعقد ڪرڻ هڪ ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي، 34 هين نيشنل ??يمز جي پڄاڻي واري تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪامياب ٽيمن سان گڏوگڏ بلوچستان جي را??دي?? ۽ ثقافت واري وزير عبدالخالق هزاره، چيف سيڪريٽري بلوچستان عبدالعزيز عقيلي، سيڪريٽري اسپورٽس محمد اسحاق جمالي، بلوچستان پوليس جي نمائندي کي شيلڊ پيش ڪئي. تقريب ۾ بلوچي چاپ سميت رنگارنگ پروگرام پڻ پيش ڪيا ويا.