ڪراچي – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته سياسي استحڪام کانسواءِ ملڪ جي ترقي ۽ معاشي استحڪام ممڪن نه آهي، سچي دل سان ڪوشش آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام ملي وڃي، ملڪ ۾ مهانگائي ۽ معاشي صورتحال جي حوالي سان مسئلن جو ادراڪ آهي، جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ته ان وقت مهانگائي عروج تي هئي. ڪراچي ۾ صنعتڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي خطاب ڪندي و??يراعظم چي?? ته سيڙپڪار اصل ۾ دنيا ۾ پاڪس??ان جا سفير آهن جيڪي پاڪس??ان ۾ روزگار، پيداوار ۽ روانگي و??پار ۾ پنهنجو سرمايو لڳائين ٿا، پاڪس??ان جي لاءِ صنعتڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن جون وڏيون خدمتون آهن جن کي اسان ساراهيون ٿا. وزيراعظم چي?? ته جڏهن اسان اقتدار سنڀاليو ته ان وقت به مهانگائي هئي جڏهن ته عالمي ٻاڙائي ۽ پاڪس??ان ۾ غيرمستحڪم سياسي صورتحال مهانگائي جو وڏو سبب آهي، آءِ ايم ايف سان گذريل حڪومت واعدو ڪري ٽوڙي ڇڏيو جڏهن ته گذريل سال تاريخ جي موسمياتي تبديلين جي ڪري بدترين ٻوڏ آئي جنهن تباهي مچائي ڇڏي، انهن متاثرين جي بحالي لاءِ اربين رپيا خرچ ڪيا ويا، وفاق هڪ سئ?? ارب رپين جو حصو وڌو، صوبائي حڪومتن پڻ پنهنجي و??يلن مان حصو وڌو، ان جا معيشت تي تباهي آڻيندڙ اثر پيا، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن متاثرين جي بحالي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي، عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ اضافي پڻ بري طرح متاثر ڪيو، پاڪس??ان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو امپورٽ جو بل گذريل سال جو هو. وزيراعظم چي?? ته ڪوويڊ دوران ايل اين جي جون قيمتون انتهائي گهٽ هيون جڏهن ته ان وقت معاهدو نه ڪيو ويو، ان جو تمام گهڻو نقصان ٿيو، 3 ڊالر کان قيمت 30 ڊالر تائين پهچي و??ي. وزيراعظم چي?? ته آءِ ايم ايف پاران پروگرام جي لاءِ سخت شرطون پيش ڪيون ويون ۽ ملڪي مفاد ۾ اهي مڃڻيون پيون، پاڪس??ان جا دوست ملڪ اڄ به پاڪس??ان جي ترقي لاءِ سٺا جذبا رکن ٿا، انهن بنا ڪنهن شرط جي مدد ڪئي، چي?? پنهنجا قرض ملتوي ڪري ڇڏيا، ڪمرشل قرضن کي پڻ چي??ي بئنڪن ملتوي ڪري ڇڏيو، اسان جي سچي دل سان ڪوشش آهي ته آءِ ايم ايف سان پروگرام مڪمل ٿي وڃي، چي?? سان دوستي جو مثال نه ٿو ملي. وزيراعظم چي?? ته 1950ع، 1960ع ۽ 1970ع جي ڏهاڪي ۾ ڪاروباري طبقي پاڪس??ان جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪيو جڏهن ته اڄ روانگي و??پار بدران لينڊ ڊيولپمينٽ ۽ گهڻ منزلا عمارتن جي تعمير تي و??يلا لڳايا پيا وڃن. هن چي?? ته ڪاروباري طبقي کي هر هڪ سان ٺاهي رکڻي هوندي آهي ان تي ڪنهن کي اعتراض نه آهي پر گذريل هڪ سال ۾ معاشري جي هر طبقي ۾ ورڇ ٿي ان پاڪس??ان جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو. هن چي?? ته اسان جي قوم باصلاحيت آهي ۽ پاڪس??ان جو خواب ڏسندڙن جو اهو خواب هو ته پاڪس??ان اسلامي دنيا ۾ نمايان مقام حاصل ڪندو ۽ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پاڪس??ان ۾ اها صلاحيت آهي، هڪ سال ۾ جيڪا ذهنيت بڻي، 9 مئي تي ان ذهنيت اهو ڪري ڏيکاريو جنهن جو دشمن به نه سوچي سگهندو هو، ماضي ۾ اهڙي قسم جي و??قعن جا مثال نه ٿا ملن، سرحدن جي محافظن سان اهڙي قسم جو وحشياڻو عمل ۽ دهشتگردي ڪڏهن نه ڏٺي، 65ع ۾ ڀارت به اهو نه ڪري سگهيو، ڀارت جي ٽينڪن جي اڳيان ليٽي ملڪ جي سلامتي جي جنگ وڙهندڙن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي و??ي. هن چي?? ته سياسي استحڪام کانسواءِ ملڪ جي ترقي ۽ معاشي استحڪام ممڪن نه آهي. وزيراعظم چي?? ته اقتصادي طور تي تمام گهڻا چئلينجز آهن، مهانگائي جو ادراڪ آهي، اسان کي جيڪڏهن ملڪ جي حالت بدلائڻي آهي ته اڳ ۾ پنهنجي حالت بدلائڻي پوندي، اقتدار الله انهي لاءِ بخشيو آهي ته ٻين جي حالت بدلايو، ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪريو، خوشحالي آڻيو، ان جي لاءِ هر ڪو پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ايف بي آر پاران هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي تي افسوس آهي. وزيراعظم چي?? ته اسان کي ماضي و??نگر ٻيهر پنهنجو مقام ٺاهڻو آهي.