اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ بجيٽ ۾ خصوصي ترقياتي منصوبا شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف سان خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن ڪالهه اربع ڏينهن ملاقات ڪئي. وزيراعظم مح??د شهباز شريف سان ملاقات ڪندڙن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين واري وفاقي وزير ساجد حسين طوري، قومي اسيمبلي ميمبرن محسن داوڙ ۽ مح??د جمال الدين شامل هئا. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن ج?? ماڻهن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي بجيٽ جي حوالي سان خيبرپختونخواهه صوبي جي ضم ٿيل ضلعن جي مسلئن جي حل لاءِ قدمن ۽ ترقياتي منصوبن تي تجويزون ڏنيون. وزيراعظم انهن تجويزن جي آجيان ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي ان تي مشاورت ڪري انهن کي بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.