اسلام آباد – 08 جون (اي پ?? پي) هلندڙ مالي سال دو??ان پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن (پي آءِ اي) جي آپريٽنگ روينيو ۾ 99.6 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ۽ پي آءِ اي جي ٻيڙي ۾ هن وقت جهازن جو انگ 35 آهي. ناڻي ۽ محصولن واري ڊويزن طرفان جاري ڪيل هلندڙ مالي سال 23 -2022ع جي ا??تص??دي سروي موجب پي آءِ اي وٽ هن وقت 35 جهاز آهن، هلندڙ مالي سال جولاءِ 2022ع کان جون 2023ع دو??ان پي آءِ اي جي آپريٽنگ روينيو ۾ 99.6 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. هي روينيو سال 2021ع دوران 86185 ملين روپين جي مقابلي ۾ 172،038 ملين روپين تائين پهچي ويو آهي. ان عرصي دو??ان آپريٽنگ خرچن ۾ 81.2 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي.