اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي ??نهنجي ??اڻهن پاناما سازش کي بي نقاب ڪيو، سازشي ڪردارن هڪ نالائق کي مڙهي ملڪ کي تباهي طرف ڌڪيو، ملڪ جي ??سئلن جو حل رڳو نواز شريف وٽ آهي، ان کي پاڪستان جي عوام ووٽ ڏئي ٽيون ڀيرو وزيراعظم چونڊيو، نواز شريف دور ۾ معيشت مستحڪم ٿي، عوام کي سي پيڪ جو تحفو ڏنو، ملڪ جي ??ڏي خدمت ڪندڙن سان وڏي زيادتي ٿي، جيڪي شڪليون ۽ ڪردار اڄ ملڪ ساڙي رهيا آهن، اهي 14 – 2013ع ۾ سي پيڪ منصوبو روڪڻ جي ??اءِ ڪنٽينر تي بيٺل هئ??. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته اڄ 5 جولاءِ جو ڏينهن آهي ۽ اڄ جي ڏينهن هڪ آمر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت تي راتاهو هڻي جمهوريت جو قتل ڪيو هو، اڄ ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي ??رسيءَ جو به ڏينهن آهي ۽ اڄ سي پيڪ جا 10 سال به مڪمل ٿي رهيا آهن. هن چ??و ته سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي ??يادت جو خطي ۽ پاڪستان جي عوام جي ??اءِ تحفو آهي، اهو منصوبو قائد نواز شريف ۽ صدر شي جن پنگ جو ويزن آهي. هن چ??و ته سي پيڪ منصوبي پاڪستان کي 2013ع کان 2018ع تائين هر شعبي ۾ ترقي ڏني پر گذريل چار سالن ۾ هڪ سازشي، نااهل، نالائق ۽ چور ملڪ کي رڳو تباهي طرف ڌڪيو. هن چ??و ته وزيراعظم شهباز شريف اتحادي حڪومت سان گڏجي گذريل هڪ سال دوران ملڪ جي ??عاشي تباهي، بدحالي، بيروزگاري، لوڊشيڊنگ ۽ دهشتگردي ختم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي. هن چ??و ته سازشي عنصرن هڪ نااهل، نالائق ۽ چور کي ملڪ تي مڙهيو، اها ڪهاڻي رڳو چار سال جي ??ه آهي، ان جي شروعات 2013ع ۾ ٿي چڪي هئي. 2013ع ۾ به ملڪ جي اندر مهانگائي، دهشتگردي، بيروزگاري هئي، ملڪ ڊيفالٽ جي ??يجهو هو ۽ ماڻهن سمجهي ورتو هو ته ملڪ جي ??شڪلاتن جو حل رڳو نواز شريف وٽ آهي، عوام نواز شريف کي ووٽ ڏئي ٽيون ڀيرو وزيراعظم چونڊيو، ان وقت پاڪستان هڪ مشڪل ٻه واٽي تان گذري رهيو هو، نواز شريف ملڪ ۾ سياسي استحڪام جو بنياد رکيو، صوبن ۾ اڪثريت رکندڙ پارٽين کي اتي حڪومتون ٺاهڻ جو موقعو ڏنو، نواز شريف ٽن سالن ۾ ملڪ جي خراب صورتحال بدلائي هئي. هن چ??و ته جيڪي ڪردار اڄ ملڪ ساڙي رهيا آهن ۽ معاشي تباهي پيدا ڪري رهيا آهن، اهي ئي ڪردار 14 – 2013ع ۾ سي پيڪ منصوبو روڪڻ جي ??اءِ ڪنٽينر تي هئ??. 2013ع ۾ پي ٽي آءِ ملڪي استحڪام جي خلاف سازش ۾ مصروف هئي، سي پيڪ جو منصوبو شروع ٿيندي ئي سازشي عنصر متحرڪ ٿي ويا هئ??. هن چ??و ته جڏهن ص??ر شي جن پنگ جي ??اڪستان جي دوري جي خبر آئي ته هڪ شخص ملڪ جي ترقي جي خلاف ڪنٽينر تي بيٺل هئ??، ان شخص سول نافرماني جي تحريڪ جي ڪال ڏني، سي پيڪ منصوبي تحت توانائي جا منصوبا لڳڻا هئ??، روزگار پيدا ٿيڻو هو ۽ اهو شخص ان منصوبي جي خلاف بيٺل هو. هن چ??و ته اڄ اهو شخص آءِ ايم ايف جي ??روگرام تي رڙيون ڪري رهيو آهي جڏهن ته اهو پروگرام اسان نه آندو هو، ان تي اسان ص??يحون نه ڪيون هيون. هن چ??و ته نواز شريف ملڪي معيشت کي استحڪام ڏنو، آءِ ايم ايف کي خُدا حافظ چيو، 2017ع ۾ ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن ٿي چڪو هو. هن چ??و ته ملڪي تاريخ جو واحد آءِ ايم ايف پروگرام هو جيڪو نواز شريف جي دور ۾ مڪمل ٿيو. نواز شريف ملڪ جي ??وجوانن کي خودمختيار بڻائڻ چاهيندو هو هو ملڪ جي اندر آءِ ٽي، زراعت، روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ چاهيندو هو، ان جو ويزن ملڪي معيشت کي مستحڪم بڻائڻ هو ۽ اهو ڪم هن ڪري ڏيکاريو، رڳو نعرا نه لڳايا. هن چ??و ته ملڪ جي اندر 2013ع کان 2017ع تائين 14 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي، دهشتگردي جو خاتمو ڪيو، پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي دهشتگردي جي خاتمي جا آپريشنز شروع ڪيا جڏهن ته ٻئي طرف ترقي جي ??نصوبن کي روڪڻ جي ??اءِ هڪ شخص ڪنٽينر تي بيٺل هو. مريم اورنگزيب چ??و ته ملڪ جي ??ڏي خدمت ڪندڙ سان وڏي زيادتي ڪئي وئي، پاناما جو فيصلو اقامي ۾ تبديل ٿيو. هن چ??و ته نواز شريف جي خلاف ان لاءِ سازش ڪئي پئي وئي ته هو عوام کي روزگار ۽ ڪاروبار ڏئي رهيو هو، ملڪ مان اونداهين جو خاتمو ڪري رهيو هو. اڄ پي ٽي آءِ جا ماڻهو به ان ڳالهه جي گواهي ڏئي رهيا آهن ته نواز شريف سان زيادتي ٿي. پريس ڪانفرنس دوران اطلاعات واري وفاقي وزير پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ حامد خان جي ??جي ??ي وي چينل سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جو وڊيو ڪلپ شيئر ڪندي چ??و ته اهڙي طرح جي ڳالهه ٻولهه شيخ رشيد ۽ اعجاز شاهه به ڪئي هئي جن جو مسلم ليگ (ن) سان ڪو تعلق نه هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته پاناما کي اقامي ۾ تبديل ڪري نواز شريف کي نااهل ڪيو ويو جيڪا ملڪ جي عوام سان دشمني هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته عمران خان جي حڪومت آءِ ايم ايف جي ??شڪل شرطن تي صحيحون ڪري ملڪ کي آءِ ايم ايف جي حوالي ڪري وئي، ملڪي ساک کي تباهه ڪيو، ٻيهر کان لوڊشيڊنگ شروع ڪئي. هن چ??و ته هڪ طرف سموريون قوتون نواز شريف کي زيرو ڪرڻ جي چڪر ۾ هيون پر مڪافات عمل آهي جيڪي ماڻهو اهو ڪري رهيا هئ?? اڄ انهن جي ??نهن تي چماٽ پئجي رهيا آهن. اهي ڪنهن پبلڪ ايريا ۾ نه ٿا وڃي سگهن. هن چ??و ته پاڪستان جي عوام سمجهي ٿي ته جيڪڏهن ڪو شخص هن ملڪ کي بحرانن مان ڪڍي سگهي ٿو ته ان جو نالو نواز شريف آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته نواز شريف پنهنجي ??ٿان لڳندڙ هر الزام تي قانون آڏو پيش ٿيو. نواز شريف 150 کان وڌيڪ پيشيون ڀوڳيون. هن چ??و ته اڄ هڪ طرف ملڪ کي ترقي ڏيندڙ، عوام جي خدمت ڪندڙ، عوام کي روزگار ڏيندڙ، ڪاروبار ڏيندڙ شخصيت آهي ۽ ٻئي طرف نااهل، فراد، چور ۽ ڪرپٽ شخص آهي جنهن ملڪ کي باهه ڏني، ملڪ جي ترقي کي منفي ۾ وٺي ويو، نوجوانن جو روزگار کسيو، ملڪ کي قرضن جي بار هيٺ دفن ڪيو، سي پيڪ کي منجمند ڪيو. هن چ??و ته اسان 14 مهينن جي ??سلسل محنت سان آءِ ايم ايف جو معطل پروگرام بحال ڪيو، اهو خالي آءِ ايم ايف جو پروگرام نه هو، اهو ملڪ جي ساک ۽ اقتصادي بحالي جو پروگرام هو. هن چ??و ته گذريل حڪومت سي پيڪ منصوبو بند ڪيو، چين کي ناراض ڪيو، سي پيڪ منصوبي ۾ ڪرپشن تي بيان ڏنا ويا. هن چ??و ته هڪ سال جي سي وي جي چار سال جي سي وي سان ڀيٽ نه ڪئي وڃي ته وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي ??عيشت کي ٻيهر استحڪام ڏنو آهي. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته عمران خان جڏهن گرفتار ٿ??و ته شهيدن جون يادگارون ساڙيون ويون پر ان کي گڊ ٽو سي يو چيو ويو. فارن ميڊيا کي پنهنجي انٽرويو ۾ عمران خان پنهنجي ڪافي عزت ??رائي چڪو آهي، هر وقت ڪوڙ جي ذريعي ڪنهن کي بيوقوف نه ٿو بڻائي سگهجي. هن چ??و ته ان جي چوري جون ڪهاڻيون اسان وٽ اچي چڪيون آهن اسان قانون جي حوالي ڪيون. هن چ??و ته جاچ جو جواب بالٽي، دٻي ۽ ڊسٽ بن سان نه ٿو ڏئي سگهجي. هڪ ٻئي سوال تي هن چ??و ته 2013ع ۾ ملڪ ۽ ملڪ جي چونڊيل وزيراعظم جي خلاف سازش ٿي، اصل ۾ اها سازش پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام سان ظلم هو، اهڙن ڪردارن کي پاڪستان جي عوام ڪڏهن به معاف نه ڪندي.