اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ضلعي شانگلا ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ تي لينڊ سلائيڊن?? جي واقعي ۾ انساني جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس جو اظ??ار ڪيو آهي. هن پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته شانگلا ۾ معصوم جانين جي زيان جي واقعي جي خبر دل کي جهنجهوڙي ڇڏيو آهي. مرتون?? جي المناڪ سانحي ۾ پنهنجي ٻارن کي وڃائيندڙ خاندانن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لاڳاپيل عملدار ۽ ريسڪيو ٽيمون ملبي ۾ ڦاٿل معصوم جانين کي بچائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيون آهن، اميد آهي ته لينڊ سلائيڊن?? جي ملبي مان نڪتل زخمي ٻارن جي بهتر علاج کي يقيني بڻايو ويندو. هن پارٽي ڪارڪنن کي هدايت ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جا ڪارڪن ريسڪيو ٽيمن سان تعاون ڪن، متاثر خاندانن جو ڏک ونڊين.