اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو ??رداري ڊينمارڪ جي پرڏيهي و??ير سان ڊينمارڪ ۽ ٻين يورپي ملڪن قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي و??ير پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته مون کي ڊينمارڪ جي پرڏيهي و??ير لارس لوڪي راسموسن ٽيليفون ڪئي ۽ مون کيس ڊينمارڪ ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعن تي گه??ي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو ??رداري ڊينمارڪ جي حڪومت پاران مسلمان دنيا تائين پهچ جو اعتراف ڪندي ۽ ان ڪڌي ڪاررواين جي مذمت ڪئي. هن سڄي دنيا جي مسلمانن جي جذبن کي ٺيس پهچائيندڙ اسلامو فوبڪ ڪاررواين کي روڪڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته بين المذاهب هم آهنگي ۽ مذهبي رواداري کي فر??غ ڏيڻ جي ضرورت آهي.