ڪوئيٽا-19 آڪٽوبر (اي پي پي) بلوچستان جي نگران وڏي وز??ر مير علي ??رد??ن خان ڊومڪي سان تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وز??ر مدد علي سنڌي ملاقات ڪئي ۽ وفاقي حڪومت جي تعاون سان بلوچستان جي تعليمي ۽ فني تعليم جي مخصوص ادارن ۾ جاري پروگرامن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ناڻي ۽ روينيو وارو نگران ص??بائي وز??ر امجد رشيد ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. مير علي ??رد??ن خان ڊومڪي تعليم واري وفاقي وز??ر طرفان ص??بي ۾ جاري منصوبن کي ساراهيو، هن چيو ته وفاقي حڪومت جي تعاون سان بلوچستان ۾ جديد فني تعليم جي ادارن کي فعال ڪنداسين، ان مقصد لاءِ عالمي ۽ قومي مارڪيٽ جي گهرج موجب تربيت يافته افرادي قوت پيدا ڪرڻ لاءِ صوبي ۾ ادارن جي صلاحيت وڌائي ويندي ۽ فني تربيت جي فراهمي لاءِ قائم ادارن کي فعال بڻايو پيو وڃي، نگران وڏي وز??ر چيو ته موجوده دور جي گهرجن موجب فني تعليمي ادارن جي معيار کي ڀروسي جوڳو بڻائي انهن جي ساک بهتر بڻائي وڃي ته جيئن لاڀائتا نتيجا حاصل ٿي سگهن. مير علي ??رد??ن ڊومڪي نگران وفاقي وز??ر کي صوبائي حڪومت طرفان هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو ته بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ تعليم جي بهتري ۽ فني تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وارا قدم ساراهه جوڳا آهن، وفاقي وز??ر مدد علي سنڌي ٻڌايو ته وفاقي ادارن جي انتظامي معاملن ۾ بلوچستان سميت سمورن ص??بن جي نمائندي يقيني بڻائي ويندي، نرسنگ ۽ ڪلچر لاءِ بلوچستان لاءِ 117 ملين روپيا رکيا ويا آهن اهي وظيفا ميرٽ تي ورهايا ويندا. هن چيو ته بلوچستان جي يونيورسٽين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن سان نتيجا ڏيندڙ ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي ۽ يونيورسٽين جا جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هن چيو ته بلوچستان سميت چئني صوبن جي نگران وز??رن تي ٻڌل اعليٰ سطحي ڪميٽي تعليم ۽ فني تربيت بابت معاملن کي لاڀائتو بڻائيندي ۽ گڏيل مشاورت سان پاڪستان جي تعليمي نظام کي هڪ اهڙي رخ طرف وٺي ويندا جتي نوجوانن جي بهتر مستقبل جي ضمانت ثابت ٿئي، ان موقعي تي نگران وڏي وز??ر، نگران وفاقي وز??ر مدد علي سنڌي کي سوينئر پيش ڪيو ج??هن ته وفاقي وز??ر پنهنجي ڪتابن جو تحفو وڏي وز??ر کي پيش ڪيو.