اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) ڊاڪٽر طارق محمود خان چيو آهي ته اشتهارن جي منصف??ڻي ورڇ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. جاري ڪيل پڌرائي موجب اها ڳالهه هن منظور سلهري جي قيادت ۾ ??بج?? (جاويد گروپ) سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وفد ڊاڪٽر طارق محمود خان کي پي آءِ او جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس اخبارن کي درپيش اگهه، ادائيگين جي انفراسٽرڪچر ۽ بلنگ جي مسئلن کان آگاهه ??يو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر وفد کي يقين ڏياريو ته اخبارن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته موجوده درپيش ملڪي معاشي چئلينجز جي باوجود اخبارن جون رهتون ڪليئر ڪ??ڻ جي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون جڏهن ته اشتهارن جي منصف??ڻي ورڇ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. وفد ۾ حافظ محمد طاهر، عبدالعزيز بٽ، ملڪ زمرد اعواڻ، ذيشان قيوم، ذوالفقار علي ۽ طارق خان شامل هئا.