اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معا??لن واري نگرا?? وفاقي وزير مر??ضي?? سولنگي چيو آهي ته ڪجهه سببن جي ڪري درآمدي کير تي پابندي نٿا لڳائي سگهون، ماءُ جي کير جو ڪو متبادل نه آهي، ان حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ثمينه ممتاز زهري جي ملڪ ۾ بي بي فارمولا ک??ر ۽ ان سان لاڳاپيل مصنوعات جي پيداوار ۽ وڪري کي جا??ع ڪرڻ ۽ نوجوان مائرن ۾ ان جي محفوظ استعمال بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت کي بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ تي بحث سهيڙيندي اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معا??لن واري نگرا?? وفاقي وزير مر??ضي?? سولنگي چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي ذيلي اداري پي ايس ڪيو سي اي جو ڪم درآمدي کير جي معيار کي چيڪ ڪرڻ آهي، کير ٺاهيندڙ ادارن جا پنهنجا قاعدا ۽ ضابطا آهن، حقيقت ۾ پاڪستان ۾ فارمولا ک??ر تمام گهٽ پئماني تي تيار ڪيو وڃي ٿو، اسان درآمدي کير تي ٽي ڪروڙ 40 لک ڊالر خرچ ڪريون ٿا، 1500 ٽن فارمولا ملڪ درآمد ڪريون ٿا، ڪجهه حالتن ۾ ماءُ اهو کير نٿي پياري سگهي، ڪيترين ئي صورتن ۾ ٻارن کي فارمولا ک??ر پيارڻ کانسواءِ ڪو چارو ناهي هوندو، ماءُ جي کير جو ڪو متبادل نه آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ سگريٽ سميت صحت جي لاءِ هاڃيڪار شين جي گهڻائي آهي، اسان جو مُلڪ کير پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ چوٿين نمبر تي آهي، معاشري ۾ ماءُ جو کير پيارڻ بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان کان اڳ رٿ تي سينيٽر ڊاڪٽر مهر تاج روغاني، سينيٽر ڊاڪٽر زرقا سهروري تيمور، سينيٽر فوزيه ارشد ۽ سينيٽر علي ظفر پڻ خيالن جو اظهار ڪيو.