اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سعودي عرب ۾ او آءِ سي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران وزيراعظم ان اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب جو دورو ڪندو. سربراهي ??جلاس کان اڳ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ??رڏيهي وزيرن واري اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. ترجمان چيو ته پاڪستان عالمي اتفاق راءِ کي اڳتي وڌ??ئڻ ۽ فلسطيني عوام جي خل??ف اسرائيلي جارحيت جي فوري خاتمي ۽ غزه جي عوام جي لاءِ امداد جي فوري فراهمي جي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.