اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته تعليم ڪنهن به ملڪ جي ??رقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. اها ڳالهه هن بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ۾ تعليم جي موضوع تي رٿيل ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس جي ??فتتاحي تقريب کي خط??ب ڪندي چئي. تعليم واري وزير چيو ته ڊجيٽل انقلاب سکڻ جا طريقا بدلائي ڇڏيا آهن جڏهن ته تعليم لاءِ وقت ۽ جڳهه جي ??ڪاوٽ هاڻ ڪوبه مسئلو ناهي. هن تدريس ۽ سکڻ ۾ ٽيڪنالاجي ??ي استعمال تي زور ڀريو. وفاقي وزير چيو ته تعليم معاشري کي مضبوط، مستحڪم ۽ خوشحال بڻائڻ جو بهترين ذريعو آهي. مدد علي سنڌي جو چوڻ هو ته تعليم اسان جي قوم جي ??ولين ترجيح هئڻ گهرجي. هن بين الاقوامي ڪانفرنس جو بندوبست بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف ايجوڪيشن اقراء يونيورسٽي ۽ انٽرنيشنل سينٽر آف ايڪسيلينس جي ??هڪار سان ڪيو. ڪانفرنس ۾ قومي ۽ عالمي اسڪالرز طرفان 50 جي لڳ ڀڳ مقالا پيش ڪيا پيا وڃن. هائر ايجوڪيشن ڪميشن ايڇ اِي سي جي پ??وفريسر ڊاڪٽر مختار احمد خط??ب ۾ چيو ته ڪوبه ملڪ ان وقت تائين ترقي نٿو ڪري سگهي جيستائين هو تعليم ۾ سيڙپڪاري نه ڪري. هن چيو ته نوجوان قوم جي ??قدير بدلڻ جي ??لاحيت رکن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان گذريل سال يورپ لاءِ سڀ کان وڌيڪ اسڪالرزشپ حاصل ڪيون آهن.