راولپنڊي-12 ڊسمبر (اي پي پي) ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي مختلف انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز دوران 27 دهشتگرد مارجي ويا آهن، جڏهن ته دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز جي چؤڪيءَ تي حملي جي ڪوشش ڪئي ۽ آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ ??ما??ت ڪِرڻ سبب پاڪ فوج جا 23 جوان شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته ٻئي واقعي ۾ 2 جوانن شهادت ماڻي. آءِ ايس پي آر مطابق 11 ۽ 12 ڊسمبر جي وچ واري رات ڊيرا اسماعيل خان ضلعي ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن د??ران د??شتگردن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 17 دهشتگرد مارجي ويا. ڪلاچي ۾ انٽيليجنس تي ٻَڌل هڪ ٻي آپريشن د??ران د??شتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان به شهيد ٿيا. مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ معصوم شهرين تي حملن ۾ ملوث هئا. ڪاررواين د??ران هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مادو پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. 12 ڊسمبر 23ع تي صبح سوير 6 دهشتگردن جي هڪ گروهه درابن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چؤڪيءَ تي حملو ڪيو. دهشتگرد چؤڪي ۾ داخل ٿيا ۽ بارود سان ڀريل گاڏي داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي روڪيو ويو ته هن آپگهاتي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ڌماڪي سبب ??ما??ت ڪِري پئي، ان واقعي ۾ پاڪ فوج جا 23 جوان شهيد ٿي ويا. ٻي طرف وقائتي جوابي ڪارروائي ڪئي وئي جنهن ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ سيني ٽائيزيشن آپريشن جاري آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان د??شتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن.