اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي ??زي?? جليل عباس جيلاني سان چين جي نائب پرڏيهي ??زي?? سن ويڊونگ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران پرڏيهي ??زي?? ۽ چيني نائب پرڏيهي ??زي?? هر آزمائش تي پورو لهندڙ تعاون تي ٻڌل اسٽ??يٽ??ڪ حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ۽ سي پيڪ ۽ گڏيل اقتصادي ۽ مالي تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نگران پرڏيهي ??زي?? پاڪ چين دوستي کي مضبوط بڻائڻ ۾ چين جي نائب پرڏيهي ??زي?? جي خد??تن کي ساراهيو ۽ سمورن معاملن تي چين پاران پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. هن سي پيڪ جي مسلسل ترقي تي اط??ين??ن جو اظهار ڪندي پاڪستان جي لاءِ سي پيڪ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل فائدن جي لاءِ سي پيڪ جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکندو. هن پاڪستان ۾ سي پيڪ جي سمورن منصوبن جي لاءِ چين جي تياري ۽ تعاون کي پڻ ساراهيو. چين جي نائب پرڏيهي ??زي?? شاندار ميزباني تي نگران پرڏيهي ??زي?? جا ٿورا مڃيندي چيو ته آئرن برادرز ۽ قابل اعتماد دوست جي حيثيت سان چين پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ سمورن شعبن ۾ وڌيڪ گهري تعاون جو خواهشمند آهي.