اسلام آ??اد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جشن نوروز جي موقعي تي مبارڪ??اد ڏيندي چيو آهي ته اچو گڏجي مذهبي ۽ ثقافتي اختلافن جو خاتمو ڪريون ۽ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان سميت سڄ?? دنيا ۾ نوروز ملهائيندڙ ڀائرن ۽ ڀينرن کي مبارڪ??اد پيش ڪريان ٿو، جشن نوروز بهار موسم جي اچڻ تي خوشيون ورهائڻ جو موقعو آهي. وزيراعظم چيو ته هن تهوار ۾ اميد جو پيغام آهي جيڪو اسان کي هڪ بهتر مستقبل جي خبر ڏي ٿو، پاڪستاني پارسي برادري کي جشن نوروز جي موقعي تي خصوصي طور تي مبارڪ??اد پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته پوري قوم ??لڪ جي ترقي ۾ پارسي برادري جي اهم ڪردار جي معترف آهي ۽ اقليتن جي ان جذبي کي ساراهي ٿي، اچو گڏجي مذهبي ۽ ثقافتي اختلافن جو خاتمو ڪريون ۽ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏيون.