داسو – 01 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهري?? جي هر ممڪن تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته چيني دوست پاڪستا?? جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، انه?? جي سلامتي اسا?? جي سلامتي آهي، اسان انه?? جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائينداسين، بشام واقعي جي پٺيان پاڪستا?? جي دشمنن جو هٿ آهي، واقعي ۾ ملوث عنصرن کي قرار واقعي سزا ڏني ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بشام واقعي جي ڏس ۾ داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ چيني انجنيئرز ۽ ماهرن سان تعزيت ۽ يڪجهتي جي اظهار لاءِ داسو جي دوري جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاق?? وزير عطاءُ تارڙ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاق?? وزير انجنيئر امير مقام، واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني، چيني سفير جيانگ زائيڊونگ، چيني ڪمپني جا ميمبر ۽ سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي بشام واقعي ۾ دهشتگر??ي جو نشانو بڻجندڙ چيني انجنيئرز جي ياد ۾ 30 سيڪنڊ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. وزيراعظم ان موقعي تي چيني انجنيئرن سان ملاقات پڻ ڪئي. تقريب کي خطاب ڪند?? وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته چيني ڀينرن ۽ ڀائرن سان يڪجهتي جي لاءِ اظهار لاءِ داسو جو دورو ڪيو آهي. 26 مارچ تي بشام ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي تي چيني انجنيئرز ۽ ورڪرز سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جنهن ۾ 5 چيني انجنيئرز ۽ هڪ پاڪستاني فوت ٿي ويا. وزيراعظم چيو ته بشام واقعو دهشتگردن جو بزدلاڻو فعل هو جنهن جو مقصد پاڪستان ۽ چي?? جي غيرمعمولي دوستي کي متاثر ڪرڻ هو، اهو فعل پاڪستا?? جي دشمنن جو آهي. اسان جا دشمن ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ڏينهون ڏينهن مستحڪم ۽ وسيع ٿيندڙ دوستي کي متاثر جي لاءِ ڪو به موقعو هٿ مان وڃائڻ نه ٿا ڏين ته جيئن چين ۽ پاڪستان جهڙن آئرن برادرز جي دوستي ۾ رڪاوٽ وجهي سگهجي. هن چيو ته هو هتي موجود چيني شهري?? جي چهرن تي پنهنجي ساٿي?? جي جدائي ڏک ڏسي سگهي ٿو. هن چيو ته هو يقين ڪرائي ??و ته پاڪستان حڪومت هتي ڪم ڪندڙ چيني شهرين ۽ انه?? جي خاندان?? جي سيڪيورٽي جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏيندي ۽ هر ممڪن قدم کنيا ويندا ته جيئن اڳتي اهڙي قسم جا واقعا نه ٿين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني هڪ خوشحال پاڪستا?? جي لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، انه?? جي سلامتي اسا?? جي سلامتي آهي، اسان انه?? جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته ان واقعي جي فوري پوءِ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ حڪومت ۽ عوام پاران چيني صدر ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان پنهنجي چيني ڀائرن کي يقين ڏياريون ٿا ته ان واقعي ۾ ملوث شرپسند عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين ۽ انهن کي اهڙي سزا ڏني وين??ي جيڪا هڪ مثال هوندي ۽ ڪير به مستقبل ۾ اهڙي حرڪت ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهندو. هن چيو ته ان واقعي جي جا?? جي لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي جنه?? جي سفارشن تي اسان بنا وقت ضايع ڪرڻ جي ا?? جي روح موجب ڪارروائي ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته ان کانسواءِ اعليٰ سطح جو سيڪيورٽي اجلاس پڻ طلب ڪيو جنهن ۾ ان صورتحال تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ صوبن سان بهتر رابطن ۽ اضافي گهربل سيڪيورٽي قدمن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جنهن ۾ وفاق?? وزيرن، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ سيڪيورٽي انٽيلي جنس جي سربراهن کانسواءِ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هڪ ٻيو اجلاس منهنجي صدارت ۾ ٿيندو. داسو سميت سڄي ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين کي بهتر سيڪيورٽي فراهم ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته شرپسندن کي جلد ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چي?? جي دوستي هماليه کي اونچي ۽ سمنڊن کان گهري ۽ دنيا ۾ مضبوط کان مضبوط تر آهي. اها دوستي انهي عزم سان اڳتي وڌندي ۽ ان دوستي، سي پيڪ ۽ چين پاڪستان لاڳاپ?? جي دشمنن کي شڪست ٿيندي. پاڪستان ۾ چي?? جي سفير جيانگ زائيڊونگ ڳالهائيندي چيو ته حملي جي فوري پوءِ وزيراعظم يڪجهتي جي اظهار لاءِ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو. وزيراعظم چيني شهري?? جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي مصروفيت?? جي باوجود چيني انجنيئرز سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ داسو جو دورو ڪيو آهي جنهن ت?? وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃون ٿا. چيني سفير چيو ته پاڪستا?? جي وزيراعظم چيني شهري?? جي فول پروف سيڪيورٽي جي خاطري ڪرائي. اميد آهي ته پاڪستاني حڪومت دهشتگر??ي جي واقع?? جي روڪٿام لاءِ وڌيڪ قدم کڻندي.