اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پ??ڏي??ي وزير ??حم?? اسحاق ڊار اعليٰ سطحي ڪانفرنس ”ڪال فار ايڪشن: غزه جي لاءِ فوري انساني ردعمل” ۾ شرڪت جي لاءِ 10 ۽ 11 جُون تي اُردن جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندو، پ??ڏي??ي کاتي جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان مُوجب ڪانفرنس جو اهتمام اردن جي شاهه عبدالله ٻه ابن الحسين، مصر جي صدر عبدالفتاح السيبي ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس گڏيل طور تي ڪيو آهي. ڪانفرنس جو مقصد غزه ۾ خوفناڪ انساني صورتحال جي ڏس ۾ گڏيل ردعمل تيار ڪرڻ آهي. ڪانفرنس جي موقعي تي نائب وزيراعظم جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ??ندڙ م??ڪن جي هم منصبن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ متوقع آهن. بيان موجب ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي شرڪت وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل عزم ۽ فلسطين ڪاز جي لاءِ ان جي مضبوط ۽ پراڻي حمايت کي واضح ڪري ٿي.