اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي، ته ملڪ ۾ عدم استحڪام ۽ بي يقيني پکيڙيندڙ ڌرين کي بي نقاب ڪرڻ گهرجي. حڪومت رياست ۽ قومي سلامتي جي ادارن جي باري ۾ هلايل منظم مهم جي ٽوڙ ڪرڻ لاءِ ميڊيا حڪمت عملي کي وڌيڪ مو??ر بڻائڻ تي توجهه ڏني وڃي. اهڙو اظ??ار هن سينيٽ ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جي ليڊر ۽ سينيٽ جي پرڏيهي ??عاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽ?? عرفان صديقي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، جنهن وزيراعظم سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس رليز مو??ب ملاقات ۾ مجموعي ملڪي صورتحال، عوام کي درپيش مسئلن ۽ ميڊيا بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت رياست ۽ قومي سلامتي جي ادارن بابت هلايل مهم جو ٽوڙ ڪرڻ ۽ ماڻهن کي حقيقتن کان آگاه?? ڪرڻ لاءِ حڪومت سان گڏوگڏ مسلم ليگ (ن) کي به ميڊيا حڪمت عملي کي وڌيڪ مو??ر بڻائڻ تي توجهه ڏيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ عدم استحڪام ۽ بي يقيني پکيڙيندڙ ڌرين کي بي نقاب ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم سينيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جي مثبت ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته سينيٽ کي جمهوري قدرن ۽ باوقار ماحول لاءِ چونڊيل ايوانن جي رهنمائي ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم شهباز شريف سينيٽ?? عرفان صديقي کي پرڏيهي ??عاملن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته ان جي اڳواڻي ۾ پرڏيهي ??عاملن جي اسٽينڊنگ ڪميٽي سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت، پرامن ۽ تعميري تشخص اڀارڻ تي خاص ڌيان ڏيندي.