اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪن??لا??ي جي شعبي جي سڌارن ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي ل??ءِ حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، اسان جو ويزن آهي ته هر شخص وٽ سمارٽ فون، هر گهر ۾ براڊ بينڊ انٽرنيٽ ۽ هر ڪاروبار ۾ ڪيو آر ڪوڊ جي سهولت هجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار جي ايس ايم ايسوسيئيشن ايشيا پيسفڪ جي سربراهه جولئين گورمين جي قيادت ۾ جي ايس ايم جي چار رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ٽيلي ڪميونيڪشن ۽ انفارميشن ٽيڪن??لا??ي جي واڌويجهه جي حوالي سان اسلام آباد ۾ ڊيجيٽل نيشنل سمٽ منعقد ڪرڻ انتهائي خوش آئنده آهي. هن چيو ته ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان قدمن ۾ جي ايس ايم اي جو انتهائي بنيادي ۽ اهم ڪردار آهي، انفارميشن ٽيڪن??لا??ي شعبي جي سڌارن ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي ل??ءِ حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته عام ماڻهو جي انٽرنيٽ تائين بهتر پهچ، ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر جي بهتري، اي – گورننس، نوجوانن ۾ ڊيجيٽل اسڪلز جي پيشيواراڻي تربيت ۽ جدت ۽ ان شعبي ۾ ڪاروبار جي فروغ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام جي شعبن جي ترقي جي حوالي سان وفاقي حڪومت هن مالي سال ۾ تاريخي ترقياتي بجيٽ رکي آهي، ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي جي ل??ءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان جو ويزن آهي ته هر شخص وٽ سمارٽ فون، هر گهر ۾ براڊ بينڊ انٽرنيٽ ۽ هر ڪاروبار ۾ ڪيو آر ڪوڊ جي سهولت هجي. وفد وزيراعظم کي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ٽيلي ڪام سروسز جي فروغ جي حوالي سان جي ايس ايم اي جي ڪردار جي حوالي سان آگاهه ڪيو. وفد پاڪستان حڪومت سان انفارميشن ٽيڪن??لا??ي ۽ ٽيلي ڪام جي شعبن ?? تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي دلچسپي جو اظهار پڻ ڪيو. ملاقات ۾ انفارميشن ٽيڪن??لا??ي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشنز اٿارٽي جو چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان ۽ ٻيا لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.