اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان برادر ملڪ ترڪيه سان واپار، سيڙپڪاري ۽ فني سهڪار سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر مهمت پڪاسي سان الوداعي ملاقات دوران ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ?? ڀائراڻن لاڳاپن جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي. ناڻي واري وزير پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ?? ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ عهدو ڇڏيندڙ سفير جي خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته ٻن??ي ملڪن وچ ?? ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جيڪي گڏيل قدمن ۽ ثقافت جي عڪاسي آهن. ناڻي واري وزير ترڪيه جي واپار واري وزير جي قيادت ۾ واپاري وفد جي تازو پاڪستان جي دؤري جو به حوالو ڏنو ۽ چيو ته ان دؤري دوران توانائي، زراعت، بنيادي ڍانچي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ نيون راهون تلاش ڪرڻ ۾ مدد ملي. ان موقعي تي ترڪيه جي سفير پاڪستان ۾ قيام دوران پاڪستان حڪومت طرفان فراهم ڪيل تعاون ۽ حمايت کي ساراهيو. ڌُرين ٻن??ي ملڪن وچ ?? شين ۾ واپار جي گڏيل معاهدي جو به حوالو ڏنو ۽ چيو ته ٻن??ي ملڪن وچ ?? ٻه طرفو واپار 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي هدف جي حوالي سان اهم قدم آهي. هن حڪومتي ۽ بزنس ٽو بزنس رابطن ذريعي وڌيڪ قدمن جي اهميت تي روشني وڌي. ناڻي واري وزير عهدو ڇڏيندڙ سفير لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ?? پائيدار دوستي لاءِ پنهنجو ڪردار ايندڙ وقتن ۾ به جاري رکندو. هنن گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم جاري رکڻ جي عزم جو به ورجاءُ ڪيو.