اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) ??ڄي ملڪ ۾ سمورا يوٽيليٽي اسٽورز کلي ويا آھن ۽ عوام کي معياري کاڌي پيتي جون شيون رعايتي قيمتن تي فراھم ڪري رھيا آھن. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپورشن جي ترجمان جمعي ڏينھن پنھنجي بيان ۾ چي?? ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن ج?? سمورا آپريشنز بحال ٿي ويا آھن ۽ ??ڄي ملڪ ۾ سمورا يوٽيلٽي اسٽورز کلي چڪا آھن ۽ عوام کي معياري کاڌي پيتي جون شيون رعايتي اگهن ۾ فراھم ڪري رھيا آھن، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي انتظاميا ۽ ڪارڪن نئي جذ??ي سان عوام جي خدمت ۾ مصروف آھن. ھن چي?? ته عوام جي سھولت ۾ اضافي لاءِ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن پنھنجي صارفين کي ڪيترين ئي شين تي خصوصي رعايت پڻ فراھم ڪئي آھي. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن پنھنج?? سمورا وينڊرز، سپلائيرز، مينيوفيڪچررز ۽ ٻين روز مره جي استعمال جون شيون سپلائي ڪرڻ وارين ڪمپنين جو شڪريو ادا ڪيو جن يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن ک?? عزت ڏني ۽ مشڪل وقت ۾ اسان سان گڏ بيٺل ھئا. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن انھن سمورن اسٽيڪ ھولڊرز، وينڊرز ۽ سپلائرز جو دل سان شڪريو ادا ڪري ٿي.