اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) بچاءَ ۽ دفاعي پيداوار ۽ هوابازي بابت وفاقي وزير خواجه مح??د آصف ??ان مصر جي سفير ايهاب عبدالحميد ۽ زمبابوي جي سفير تيتوس مهليسوا جوناٿن ابوباستو ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جا معاملا ۽ ٻه طرفي سهڪار وارا معاملا بحث هيٺ آيا. مصر جي سفير ڊاڪٽر ايهاب عبدالحميد حسن اسلام آباد ۾ بچاءَ واري وزير خواجه مح??د آصف ??ان ملاقات ڪئي. بچاءَ واري وزير چيو ته پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ ٻه طرفه لاڳاپا ??وشگوار ۽ گڏيل اعتماد تي ٻَڌل آهن. هن چيو ته مصر خطي جو هڪ اهم ملڪ آهي ۽ ان جي استحڪام ۽ ترقي وچ اوڀر جي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي. بچاءَ واري وزير ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان غزه تي اسرائيلي جارحيت جي سخت ??ذمت ڪري ٿو ۽ فلسطين ۾ پنهنجن ڀائرن ??ان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪري ٿو. خواجه مح??د آصف چيو ته مصر ۽ پاڪستان وچ ۾ دفاعي پيداوار سميت سمورن شعبن ۾ وڌڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. معزز مهمان نيڪ تمنائن لاءِ وفاقي وزير جو شڪريو ادا ڪيو ۽ بچاءَ سميت گڏيل دلچسپيءَ جي سمورن معاملن ۾ پاڪستان ??ان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کان آگاهه ڪيو. زمبابوي جي سفير تيتوس مهليسوا جوناٿن ابوباستو به بچاءَ واري وزير ??ان ملاقات ڪئي. بچاءَ واري وزير پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ گڏيل قدرن ۽ جدوجهد جي گڏيل تاريخ تي ٻَڌل ٻه طرفا لاڳاپا ??هن. هن زمبابوي ??ان سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو. ٻنهي ڌُرين ٻه طرفي سهڪار جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي شعبن ۾ ان کي اڳيان وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.