راولپنڊي-12 آڪٽوبر (اي پي پي) سي پي او سيد خالد همداني جي هدايت موجب ايس سي او اجلاس ل??ءِ راولپنڊي پوليس طرفان سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويندا. راولپنڊي پوليس ترجمان موجب ايس سي او اجلاس ل??ءِ 3500 کان وڌيڪ آفيسر ۽ اهلڪار سيڪيورٽي ت?? موجود هوندا جڏهن ته 700 جي لڳ ڀڳ آفيسر ۽ اهلڪار ٽريفڪ مئنيجمينٽ جا فرض سرانجام ڏيندا. سي پي او خالد همداني جو چوڻ آهي ته روٽ ۽ ڀرپاسي ۾ پوليس موبائيلز، اي??يٽ ۽ ڊولفن فورس جا جٿا گشت ڪندا ۽ روٽ جي ڇتين تي سنائپر مقرر ڪيا ويندا. هن چيو ته راولپنڊي ۾ قلم 144 لاڳو آهي، ڪنهن به غير قانوني ميڙاڪي يا ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي. اي??نٽ ل??ءِ فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته سيڪيورٽي ل??ءِ حڪومتي حڪم ۽ ايس او پيز تي جيئن جو تيئن عملدرآمد ڪيو ويندو. واپاري برادري ۽ تنظيمن جي تعاون تي ٿورائتو آهيان. شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ، امن امان قائم ڪرڻ اولين ترجيح آهي جنهن ل??ءِ سمورا قدم کنيا ويندا. هن شهرين کي گذارش ڪئي ته اي??نٽ دوران سيڪيورٽي ل??ءِ کنيل قدمن جي سلسلي ۾ تعاون ڪن.