اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي چين جو وزيراعظم لي ڪيانگ 14 کان 17 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو دورو ??ند??. ان موقعي تي سي پيڪ تحت سهڪار ۽ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري شعبن سميت سمورن شعبن ۾ لاڳاپن ت?? جامع ڳالهين ۾ وزير اعظم شهباز شريف ۽ سندس چيني هم منصب لي ڪيانگ پنهنجي پنهجي ملڪن جي وفد جي اڳواڻي ڪندا. پرڏيهي وزارت ج?? جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم پاڪستان جي دعوت تي چين جو وزيراعظم 14 کان 17 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو دورو ??ند??. چيني وزيراعظم سان پرڏيهي معاملن جو وزير، واپار جو وزير، نيشنل ڊويلپمنٽ اينڊ ريفارم ڪميشن ۽ چائنا انٽرنيشنل ڊويلپمنٽ ڪو آپريشن ايجنس?? جا عهديدار ۽ ??عل??ٰ عملدار پڻ گڏ هوندا. چيني وزيرا عظم، صدر مملڪت آصف علي زرداري سان پڻ ملاقات ??ند??. هو پارليماني اڳواڻن ۽ پاڪستان جي عسڪري قيادت سان پڻ ملاقاتون ??ند??. چيني وزيراعظم شنگهائي سهڪار تنظيم جي ڪونسل آ?? دي هيڊ آف گورنمنٽ (سي ايڇ جي) جي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ پڻ شرڪت ??ند??. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب چين جي وزيرا عظم جو پاڪستان جو هي دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهم شعبن ۾ شراڪتدا??ي جي اهميت جي عڪاسي ڪري ٿو. ان دوري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل مفادن وارن معاملن تي سهڪار جا موقعا ملندا، جڏهن ته دوري سان سي پيڪ جي ترقي ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي باقاعده خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو فراهم ٿيندو.