اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف ر??ا گيلاني اسلام آباد ۾ ??فا??ي سطح تي محتسبين جي حڪمن جي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي هن نمائندگين تي ڪارروائي ۽ فيصلو ڪرڻ جي لاءِ صدر پاڪستان پاران نامزد ڪيل جسٽس (ر) عرفان قادر پڻ موجود هو. انهن نمائندگين ۾ ??فا??ي محتسب، ڪم جي جڳهه تي هراسان ڪرڻ جي خلاف تحفظ جي لاءِ ??فا??ي محتسب ۽ ??فا??ي انشورنس محتسب بابت معاملا شامل هئا. ٻڌڻي کانپوءِ وقتي صدر چيو ته گذريل ڇهن مهينن ۾ صدر پنهنجي نامزد ڪيل نمائندي جي ذريعي سوين ڪيسن جو فيصلو ڪيو آهي جن ۾ ايگزيڪيوٽو جي بدانتظامي تي غريبن، بيواهن، معذور ماڻهن بشمول اقليتن ۽ پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي ريليف فراهم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته تازن ڏينهن ۾ ڪيسن جو اهڙي طرح فوري طور تي اڪلائجڻ بي مثال آهي. وقتي صدر چيو ته شهرين ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ٽيڪ??يش?? ۽ بئنڪنگ سيڪٽر ۾ پڻ وڏي پئماني تي ريليف فراهم ڪيو ويو. هن چيو ته ??فا??ي سطح تي محتسب جا ادارا بشمول صدر جي نامزد ڪيل اعليٰ ترين فورم ??فا??ي حڪومت جي سمورن ادارن، خودمختيار ادارن ۽ ٻين قومي اهميت جي سرڪاري ۽ نجي شعبي جي ادارن سان لاڳاپيل معاملن ۾ ايگزيڪيوٽو جي بدانتظامي جي خلاف عام ماڻهن کي ريليف فراهم ڪيو آهي. اهڙي طرح هر سال ٻه لک کان وڌيڪ ڪيسن جو فيصلو ٿي رهيو آهي جتي صدر پاڪستان سڀ کان وڏو فورم آهي. وقتي صدر چيو ته ميڊيا کي ماڻهن کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي ته ??فا??ي سطح تي محتسب جون آفيسون قائم ڪرڻ جي ذريعي وڏي انگ ۾ شڪايتن جو اڳ ۾ ئي ازالو ڪيو ويو آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ جو به ازالو ڪيو ويندو.