اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وز??ر راڻا تنوير حسين چيو آهي ته پاڪستان ٿري ويلرز ايڪسپورٽ ڪرڻ جي پوزيش?? ۾ ??چي ??يو آ??ي، اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلن لاءِ 4 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن، ٻن ڪمپنين کي پاڪستا?? ۾ ??ليڪٽرڪ وهيڪلز جو لائسنس ڏنو ويو آهي. اهڙو اظهار هن انجنيئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ طرفان اليڪٽرڪ بائيڪس جي مختلف ماڊلز جي نمائش جي موقعي تي ڪيو. هن چيو ته اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ 31 ڪمپنين دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلن کي پنجاب حڪومت سبسڊائيز ڪري رهي آ??ي، ٻي اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي 30 نومبر ??ائ??ن جاري ڪنداسين. راڻا تنوير حسين چيو ته پاڪستان ماحول دوست گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن ڏانهن منتقل ٿي رهيو آ??ي، نجي ڪمپنين طرفان مينيوفيڪچرنگ جو عمل شروع ٿي ويو آ??ي، چارجنگ اسٽيشنن جي نه هجڻ سان صارفين کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب 2030ع ??ائ??ن 10 هزار اي وي چارجنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون جنهن سان ٻارڻ جي امپورٽ تي ڀاڙجڻ گهٽجي ويندو ۽ ڪلينر ٽيڪنالاجيز وسيلي گاڏين مان وڌيڪ ڪاربن جي اخراج ۾ گهٽ??ائ?? ايندي. سندس چوڻ هو ته بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ 100 شاگردن کي مفت اليڪٽرڪ بائيڪس فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته هي ٻي اليڪٽريڪل وهيڪل پاليسي آ??ي، ان کان اڳ به اسان جي حڪومت ئي اليڪٽريڪل وهيڪل پاليسي کڻي آئي هئي، ان پاليسي تحت لکين ماڻهو مستفيد ٿيندا. سندس چوڻ هو ته پنجاب حڪومت به 2 ۽ 3 ويلر تي ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب 2030ع ??ائ??ن 10هزار اي وي چارجنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون.