اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ??يو آه?? ته وزارت بندرگاهن جي ڪارڪردگي ۽ ڪنٽينر مئنيجمينٽ کي بهتر بنائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. ميري ٽائم شعبي مالي سال 24-2023ع ۾ 430000 ميٽرڪ ٽن اس??عمال ٿيل ڪپڙي جي آمدني واپار ۾ سهولت فراهم ڪئي. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ گردشي ۽ اس??عمال ٿيل ٽيڪسٽائل ٽريڊ تي قومي پاليسي ڊائلاگ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. هن پائيدار ترقيءَ جي پاليسي انسٽيٽيوٽ (ايس ڊي پي آءِ)، گڏيل قومن جي ماحوليات پروگرام (يو اين اي پي)، يورپي يونين (اي يو) جي گردشي ۽ اس??عمال ٿيل ٽيڪسٽائل جي واپار بابت پراجيڪٽ ۾ سهڪار بابت خيالن جو اظهار ڪيو. هن وڌيڪ ??يو ته اس??ن جي بندرگاهه جهاز راني جي بنيادي ڍانچي جي سهڪار سان مالي سال 24-2023ع ۾ 4 لک 30 هزار ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ اس??عمال ٿيل ڪپڙو پاڪستان پهتو. هن ??يو ته مقامي معيشتن، روزگار جي تخليق ۽ ٽيڪسٽائل جي ري سائيڪلنگ جي ڪوششن ۾ مدد لاءِ ان آمدني واپار جي اثرائتي هيڊلنگ ضروري آهي. قيصر احمد شيخ وڌيڪ ??يو ته تمام وڏي پائيداري جي ايجنڊا جي هڪ حصي طور تي سامونڊي وزارت جهاز راني دوران ڪاربن جي نيڪال کي گهٽ ڪرڻ لاءِ صاف ٻارڻ ۽ توانائي جي بچت تي ٻَڌل ٽيڪنالاجيز اختيار ڪرڻ سميت گرين شپنگ جو متبادل به تلاش ڪري رهي آهي. اهي قدم انٽرنيشنل ميري ٽائم آرگنائزيشن جي طئي ڪيل عالمي ماحولياتي معيارن مطابق آهن جيڪي پاڪستان جي سامونڊي شعبي جي موسمياتي تبديليءَ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ عالمي ڪوششن کي يقيني بڻائين ٿا. هن وڌيڪ ??يو ته وزارت جو انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ وارو عزم پاڪستان جي تمام وڏي پائيداري جي مقصدن سان هم آهنگ آهي جيڪا سرڪلر اڪانومي ۽ ذميدار ٽيڪسٽائل واپار ۾ ملڪ جي ڪردار کي تقويت ڏئي ٿي. وفاقي وزير وڌيڪ ??يو ته ميري ٽائم افيئرز عالمي ڀائيوارن خاص طور تي يو اين اي پي ۽ اي يو سان گڏجي ڪم جاري رکندو پيو اچ?? ته جيئن اهڙيون پاليسيون تيار ڪيون وڃن جيڪي ٽيڪسٽائل جي عالمي واپار ۾ پاڪستان جي ڪردار کي وڌائي سگهن.