اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۽ جا??ان وچ ۾ ويجها دوستاڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، ثقافت، تعليم ۽ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ جي ذريعي پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ وسيع موقعا ۽ سگهه موجود آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه هتي جا??ان جي عهد?? ڇڏيندڙ سفير متسو هيرا وادا سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻي ٻطرفي تعاون، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙي موقف تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. عهد?? ڇڏيندڙ سفير متسو هيرا وادا جنهن پاڪستان ۾ پنهنجي ٽن سالن جي مدت پوري ڪري ورتي، پاڪستان ۽ جا??ان وچ ۾ 1952ع ۾ قائم ٿيل سفارتي لاڳاپن کانپوءِ اقتصادي ۽ سفارتي لاڳاپن ۾ مستحڪم اڳڀرائي تي روشني وڌي. هن ٻطرفن لاڳاپن ۾ مثبت رجحانن جو به حوالو ڏنو ۽ چيو ته جا??ان واپار ۽ ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ، ثقافت، راندين، نوجوانن ۽ تعليمي مٽاسٽا ۾ واڌ ذريعي پاڪستان سان تعاون ۾ پرعزم آهي. هن صحت، تعليم، ماحوليات، پاڻي ۽ حڪمراني جي طرز جهڙن گڏيل ترجيحي شعبن ۾ جا??ان جي پاڪستان جي حمايت جي عزم ک?? پڻ ورجايو. ناڻي واري وزير پاڪستان ۽ جا??ان وچ ۾ پراڻن ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي ساراهيو ۽ پاڪستان لاءِ جا??ان جي ترقياتي ۽ اقتصادي امداد جي اهميت تي روشني وڌي. ناڻي واري وزير پاڪستاني معيشت کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ ان کي مضبوط بڻائڻ ۾ جا??ان جي اهم ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، ثقافت، تعليم ۽ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ ذريعي پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جا وسيع موقعا ۽ صلاحيت موجود آهي. ناڻي واري وزير جاپاني سفير کي ملڪي معيشت جي صورتحال ۽ مختلف معاشي اهڃاڻن ۾ نمايان بهتري کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته حڪومت پنهنجي سڌارن واري ايجنڊا کي پائيدار بنيادن تي اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. اقتصادي استحڪام جي تسلسل کي برقرار رکڻ لاءِ ان رستي تي مستقل مزاجي سان هلڻ ضروري آهي، هن چيو ته پائيدار اقتصادي ترقي لاءِ قدمن جي نتيجن ۾ معيشت مستحڪم ٿي وئي آهي.