اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلا??وس سيڙپڪاري، زراعت، واپار، دفاع سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي گڏيل معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن کي جلد عملي جامعو پارائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ٻطرفي حتمي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي فيبروري 2025ع ۾ صحيحون ڪيون وينديون. گڏيل نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف بيلا??وس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو ۽ س??دس وفد جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪندي چيو ته بيلا??وس جو صدر 8 سالن کانپوءِ ٻيهر پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي، هو پاڪستان جي عظيم دوست، ڏاهي ۽ بصيرت رکندڙ اڳواڻ آهي، پاڪستان جي عوام بيلا??وس کي پنهنجو ويجهو دوست سمجهي ٿو ۽ ان جي تعاون تي ٿورائتو ۽ قيادت کي احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان بيلا??وس جي صدر جو ٻيو گهر آهي، س??دس دوري دوران نويڪلائي ۽ وفدن جي سطح تي ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، بيلا??وس جي صدر جي خيالن ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم ۽ معاهدا اسان جي لاءِ حوصلي جوڳا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ سيڙپڪاري، واپار، سياحت، دفاع سميت ٻين اهم شعبن ۾ تعاون ۽ اهم معاملن جو جائزو ورتو ويو. هن چيو ته بيلا??وس سان ٿيندڙ معاهدن کي فوري عملي جامعو پارايو ويندو جڏهن ته هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻنداسين. هن چيو ته ٻنهي طرفن کان گڏجي روڊ ميپ کي حتمي شڪل ڏينداسين، زرعي مشينري ۽ آءِ ٽي، معدنيات ۾ تعاون وڌائڻ ۽ جوائنٽ وينچر کي فروغ ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته ٻن هفتن کانپوءِ ٻيهر ٻنهي طرفن جي ٽيمن جي مل??قات ٿيندي ۽ ان ڳالهه ٻولهه کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ حتمي قدم کنيا ويندا جنهن کانپوءِ فيبروري 2025ع ۾ بيلا??وس ۾ بيلا??وس جو صدر ۽ آئون انهن معاهدن تي صحيحون ڪنداسين ۽ انهن کي ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ عملي جامعو پارائينداسين. اسان هڪ ٻئي جي سگهه ۽ صلاحيتن مان فائدو کڻنداسين. وزيراعظم چيو ته فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت جي شديد مذمت ڪريون ٿا، غزه ۾ عورتن ٻارن سميت 45 هزار ماڻهو شهيد ڪيا ويا آهن، شهر جا شهر تباهه ڪيا پيا وڃن، گڏيل قومن جي قرارداد ۽ انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي جي باوجود سيز فائر نه ٿي سگهيو. هن چيو ته بيلا??وس مان ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي جدوجهد جي حمايت تي ٿورائتا آهيون. 75 سال گذري وڃڻ جي باوجود ڪشميرين کي انهن جو بنيادي حق نه ڏنو ويو، هن خطي جي امن جي لاءِ ڪشمير جي تڪرار جو حل لازمي آهي. بيلا??وس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شينڪو وزيراعظم ۽ پاڪستان حڪومت پاران س??دس شاندار استقبال ۽ ميزباني تي ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان ۽ بيلا??وس جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا قائم آهن، ٻنهي طرفن کان ڳالهه ٻولهه دوران مستقبل جي روڊ ميپ تي خيالن جي ڏي وٺ کانسواءِ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون. شهباز شريف سان مل??قات دوران کيس عملي ۽ بهترين انسان ڏٺو، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي مثبت سوچ اسان جا معترف آهيون، وزيراعظم مل??قات دوران معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن کي جلد عملي جامعو پارائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جڏهن ته فيبروري ۾ انهن معاهدن تي باقاعده صحيحون ٿينديون. بيلا??وس جي صدر چيو ته اسان کي موجوده دور جي گهرجن موجب جديد منصوبن تي عمل پيرا ٿيڻو پوندو، اسان هڪ نئين روڊ ميپ تي ڪم ڪري رهيا آهيون، ان ۾ اسان جديد ضرورتن تي غور ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۽ بيلا??وس جي وچ ۾ 30 سالن کان سفارتي لاڳاپا قائم آهن، اسان کي سفارتڪاري ۾ تعميري قدمن کي اڳتي وڌائڻو پوندو، تازي دوري دوران ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪ ڪوريڊور ۾ شرڪت سميت ٻين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي، عوامي بهتري جي منصوبن تي عمل ڪرڻو پوندو، پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل ۽ ٻئي روانگي واپار مان بيلا??وس فائدو کڻندو، اسان ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ هڪ ٻئي جي لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهون ٿا، زراعت ۽ دفاعي پيداوار ۾ تعاون وڌائڻو پوندو.