اسلام آباد-06 ڊسمبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان انساني حقن بابت ميٽا جي گلوبل هيڊ ميرينڊا سيسنز ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڊجيٽل چائلڊ سيفٽي، آن لائن خدشا ۽ انساني حقن کي ??ٿي ڏيڻ بابت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزارت مان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ ”ٽيڪ اٽ ڊائون“ قدمن جي ڪاميابي کي اجاگر ڪيو ويو. جيڪا انساني حقن واري وزارت جي ڀائيواريءَ سان شروع ڪئي وئي هئي. اهي قدم غير اخلاقي ۽ نقصان ڏيندڙ مواد کي ??حفوظ طريقي سان هٽائڻ ذريعي ٻارن کي آن لائن استحصال کان بچائڻ لاءِ تيار ڪيا ويا آهن. ان پليٽ فارم جو اردو ويزن جي شروعات کان ان جي رسائي کي ??ڌيڪ وسيع ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن پاڪستان جي نوجوانن کي ??ائدو رسي. وفاقي وزير ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ وزارت جي مستقل عزم تي زور ڀريو ۽ سائبر بلنگ ۽ آن لائن استحصال بابت شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل تعليمي مهم ۽ عوامي آگاهي وارن پروگرامن جهڙا قدم نمايان آهن. اهي قدم ٻارن جي حفاظت کي ??قيني بنائڻ ۽ ڪٽنبن کي ڊجيٽل دنيا ۾ محفوظ طريقي سان رستو ڳولڻ لاءِ قابل بنائڻ لاءِ ضروري آهن. ٻنهي ڌُرين ڊجيٽل قانونن جي مطابقت کي ??يڪانزم جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ته جيئن انساني حقن جي معيارن مطابق پاليسيون جوڙي سگهجن، آن لائن نقصانن ۽ انتهاپسندي جو مقابلو ڪري سگهجي ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمز کي ??اڪستان جي ثقافتي ۽ مذهبي قدرن جي حساسيت جي روشنيءَ ۾ رکي سگهجي. وفاقي وزير ميٽا ۽ مختلف وزارتن خاص طور تي آءِ ٽي وزارت ۽ گهرو وزارت وچ ۾ تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪيو ته جيئن انساني حقن جي ڊجيٽل شعبي ۾ محفوظ رکڻ لاءِ اثرائتيون پاليسيون لاڳو ڪري سگهجن. ميرينڊ اسيسنز آن لائن پليٽ فارم تي خطرن جي انتظام جي چئلينجن کي تسليم ڪيو ۽ وزارت سان ڊگهي مُدي وارن حل طلب مسئلن تي ويجهي سهڪار لاءِ ميٽا جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ اليڪٽرانڪ ڏوهن جي روڪٿام جي ايڪٽ 2016ع پيڪا کي ??ضبوط بنائڻ تي به روشني وڌئي ته جيئن ڊجيٽل گورننس جي ڍانچي کي بهتر بڻائي سگهجي ۽ آئيني آزادين جو تحفظ ڪري سگهجي.