اسلام آباد-25 ڊ??مبر (اي پي پي) ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ قائداعظم محمدعلي جناح جو 148هون جنم ڏڻ انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ??يو. ان موقعي تي مين اسٽيم ميڊيا، ريڊيو ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم حب الوطني جي گيتن سان گونجي اُٿيا ۽ قومي گيتن، دستاويزي فلمن ۽ خاص پروگرامن ذريعي پاڪستان جي با??ي کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن جي قيام لاءِ قائداعظم جي غير مت??لزل عزم کي اجاگر ڪيو ويو. هي ڏينهن قائداعظم جي جدوجهد ۽ قربانين کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي. ان موقعي تي سرڪاري، غير سرڪاري، نجي، فلاحي ۽ تعليمي ادارن ۾ خاص تقريبن جو بندوبست ڪيو ويو ۽ پاڪستان جي با??ي کي سندس خدمتن جي اعتراف ۾ ڀرپور انداز ۾ خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو.