اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف ايسوسيئيشن آف اليڪٽرانڪ ميڊيا ايڊيٽرز اينڊ نيوز ڊائريڪٽرز (اي او اي ايم اي اين ڊي) جي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته نوان چونڊيل عهديدار اظهار راءِ جي آزادي جي فروغ، جمهوريت جي استحڪام ۽ سماجي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم ??ئين چونڊيل صدر اظهر عباس، سينيئر نائب صدر اياز خان، نائب صدر محمد عثمان، سيڪريٽري جنرل طارق مح??ود ۽ ٻين عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ايڊيٽرز ۽ ن??وز ڊائريڪٽرز جو ر??اس?? ۾ مثبت صحافت جي فروغ جي لاءِ ??ردار انتهائي اهم آهي. وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته نوان چونڊيل عهديدار اظهار راءِ جي آزادي جي فروغ، جمهوريت جي استحڪام ۽ سماجي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا، ميديا ر??اس?? جو چوٿون ٿنڀ آهي، حڪومت (اي او اي ايم اي اين ڊي) جي ميڊيا جي ترقي ۽ ان کي جديد رخن تي هلڻ لاءِ قدمن ۾ هر قسم جو تعاون فراهم ڪندي.