اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊ????ٽر فردوس عاشق اعواڻ آرمي ايڪٽ ۾ ترميمن جو بل قومي اسيمبلي مان منظور ٿيڻ تي سمور??ن سياسي پارٽين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪي تحفظ سان ڳنڍيل اهم قانونسازي تي سياسي پارٽين اتفاق ۽ بردباري جو مظاهرو ڪيو، اڄ ثابت ٿي ويو ته جڏهن به ملڪ تي مشڪل وقت آيو سموريون سياسي پارٽيون متحد ٿي وينديون آهن، سياسي معاملن تي اختلاف راءِ جمهوريت جو حسن آهي، جڏهن به ملڪ جي قومي سلامتي ۽ مفادن جي ڳالهه ايندي آهي ته سڀ سياسي پارٽيون متحد ٿي وينديون آهن، پيپلزپارٽي خاص داد جي حقدار آهي جنهن قومي مفاد ۾ پنهنجون تجويزون واپس ورتيون، مخ????ف ٻڌي وٺن، ملڪي مفاد جي معاملي ۾ سموريون سياسي پارٽيون متحد آهن، پارليامينٽ عوام جي عدالت مان سرخرو ٿيندي رهندي، پاڪستان جي مخ??لفن جي پروپگنڊا کي پارليامينٽ دفن ڪري ڇڏيو، پارليامينٽ انهن جي ارمانن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي. هو پارليامينٽ هائوس ٻاهران سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرم??ن سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائي رهي هئي.