اسلام آ??اد – 10 آگ??ٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي بلوچستان سميت ملڪ جي مختل?? علائقن ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ ??وجب هن متاثرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ انهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. سينيٽ چيئرمين وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن تي زور ڏنو ته بي گهر ٿيندڙ ماڻهن جي مدد لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ۽ جن علائ??ن جو رابطو ملڪ جي ٻين حصن سان ڪٽجي ويو آهي انهن جي بحالي لاءِ مناسب قدم کنيا وڃن.