اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آه??. اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 498 مريضن ??ا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس جي ڪري فوت ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 هزار 218 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ سنڌ ۾ 8 هزار 155، پنجاب ۾ 8 هزار 725، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 285، اسلام آباد ۾ 2 هزار 844، بلوچستان ۾ 807، گلگت بلتستان ۾ 301، آزاد ڪشمير ۾ 101 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيندڙ?? جو تعداد 2 ل?? 82 هزار 268ٿي چڪو آه??، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽي ليٽرز تي نه آه?? جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 920 وينٽي ليٽرز تي 90 ڪورونا جا مريض آه??، هن وقت سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 8 هزار 909 آه??، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريض?? جو تعداد 2 ل?? 97 هزار 512 آهي جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 306، بلوچستان ۾ 13 هزار 45، گلگت بلتستان ۾ 2 هزار 948، اسلام آباد ۾ 15 هزار 714، خيبرپختونخوا ۾ 36 هزار 414، پنجاب ۾ 97 هزار 44 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 30 هزار 41 مريض آه??.