اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته روانگي واپار ۾ اضافو ۽ دولت جي پيداوار حڪ??مت جي اولين ترجيح آهي ته جئين ملڪي معيشت مستحڪم ٿئي، ان سلسلي ۾ حڪ??مت صنعتي شعبي جي سهولتڪاري ۽ سموريون امڪا??ي مراعتون فرا??م ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن هتي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ مينوفيڪچرنز ۽ مختلف ايسوسيئيشنز جي نمائندن سان ملاقات ۾ ڪيو، وفد ۾ ميان ذڪاءُ الرحمان، اعظم فاروقي، انيس خواجه، ميان ادري??، عمر احسن خان، شاهد عبدالله، ڪريم عزيز ملڪ، عباس اڪبر خان، عاطف اڪرم شيخ، سعادت اعجاز ۽ الماس حيدر شامل هئا، صنعت وارو وزير حماد اظهر، صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر ۽ ٻيا سينئر آفيسر به ملاقات ۾ موجود هئا