اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ٽارگيٽيڊ سبسڊي جو ??هڙو طريقيڪار جوڙيو وڃي جنهن جو فائدو ??اص طور تي غريب طبقي ۽ پٺتي پيل علائقن کي ملي، ان حوالي سان ٺوس منصوبو عملدرآمد جي مدي سميت پيش ڪيو وڃي. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اوڳاڙين واري خاص معاون ڊاڪٽر وقار مسعود ڪابينا کي سبسڊي ۽ گرانٽس جي طريقيڪار کي معقول بڻائڻ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ??يڊ??ا آ??يس موجب اجلاس ۾ ڪابينا کي گذريل 13 سالن جي اوڳاڙين ۽ خرچن، سبسڊي ۽ گرانٽس جو ??قابلي جائزو پيش ڪيو ويو.