اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته اسان کي ملڪ جي ترقي لاءِ پنهنجي سوچ بدلائي انفراديت بدران اجتماعيت کي اختيار ڪندي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، جيڪي ماڻهو قومي سوچ رکندا آهن ۽ قوم جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي خواهشمند هوندا آهن ??لله تعاليٰ انهن جي مدد ??ندو آهي ۽ انهن جي لاءِ آس??ني??ن پيدا ڪندو آهي. هن ??هڙن خيالن جو اظهار اربع ڏينهن ??سلام آباد ۾ باچاخان ميڊيڪل ڪامپليڪس ۽ گجو خان ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل اينڊ چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ڊاڪٽر فصيح الزمان کي 23.09 ملين جي لاڳت جون ٽي ايمبولينسز عطيه ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.