ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ساهيوال ڊويزن سان تعلق رکندڙ پارليامينٽرينز ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ راءِ محمد مرتضيٰ اقبال، سيد صمصام علي بخاري، ملڪ نعمان احمد لنگڙيال، چوڌري ??حمد نوريز شڪور، شيخ محمد چوهاڻ، ملڪ فيصل جلال ڍڪو، مهر ارشاد حسين ڪاٺيا، وحيد اصغر ڊوگر، سيد محمد مظفر کگا، راءِ حسن نواز خان، فيض الله ڪموڪا، شڪيل احمد نيازي، راڻا آفتاب احمد، نبيلا اعواڻ، ڊاڪٽر مظهر شيرازي ۽ وسيم رامي شريڪ هئا. پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار ۽ پنجاب جو گورنر چوڌري ??حمد سرور پ?? ملاقات ۾ شريڪ هئا. وفد ساهيوال جو دورو ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ سياسي معاملن، عوامي ڀلائي، ترقياتي منصوبن، خاص طور تي صحت، تعلي?? جي سهولتن جي فراهمي، زرعي شعبي جي ترقي جي حوالي سان جاري ??دمن ۽ مستقبل جي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ پارليامينٽرينز چيو ته وزيراعظم عمران خان جي اسلامي فلاحي رياست جي ويزن جي روشني ۾ عوا?? جي ڀلائ?? ۽ ??رقي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.